آزاد ڪشمير  ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل

آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل

ميرپور(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب مظفرآباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائل سروس متاثر ٿي آهي.آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لانگ مارچ، ڦيٿا جام ۽ هڙتال جو ٽيون ڏينهن آهي، جنهن سبب ڀمبر ۾ انٽرنيٽ سروس، باغ ۾ انٽرنيٽ سميت موبائل فون سروس، ميرپور آزاد ڪشمير ۾ سمورا موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ سروس بند. کي بند ڪيو ويو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته ميرپور ڪوٽلي ضلعي کان مظفرآباد طرف لانگ مارچ جا شرڪ تتا پني ۽ حاجره جي وچ ۾ پهچي ويا آهن. رات گذارڻ کانپوءِ لانگ مارچ جا شرڪ راولڪوٽ کان مظفر آباد لاءِ روانا ٿيندا، جنهن لاءِ ماڻهن جي آمد و رفت کي روڪڻ لاءِ هنڌن تي روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو