ميرپور ماٿيلو (ن سنڌيار)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ چيو آهي ته ضلعي جي آبادگارن جو ڪافي نقصان ٿيو آهي انڪري کين رليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ آبادگارن جي هڪ وفد سان گڏجاڻي دوران ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته آبادگارن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڪوشش ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ ضلعي جي فرٽيلائز ڪمپنين سان پڻ ڳالهايو ويندو ته جيئن هو آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڊي اي پي يوريا جا اسٽال قائم ڪن، هن چيو ته پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته غير معياري دوائن، فرٽيلائز توڙي ٻج جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ان سلسلي ۾ آبادگارن کي گهرجي ته هو اهڙو ڪڌو ڪاروبار ڪندڙن جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر کي لکت ۾ آگاهه ڪن ته جيئن سندن خلاف سخت ڪارروائي ٿي سگهي.










