آءِ بي اي جي ٽيسٽ، خدا جو خوف ڪريو!

ليکڪ   ماما منٺار دايو
اڄڪلهه سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي آءِ بي اي جي ٽيسٽ متعلق ايتريون ته خبرون ۽ تبصرا آھن، جو ماڻھو پريشان ٿيو وڃي ته ڇا ٿيندو!؟ ڏاڍو روڪيم، پر نيٺ پنھنجو پاڻ کي روڪي نه سگهيس! ھاڻي پھرين ھڪڙو ننڍو مثال مون کي پاڻ ان جو تجربو ٿيو ھيئن ته منھنجي پُٽ آءِ بي اي جي ٽيسٽ ڏني، اِھا به چار سال اڳ ۽ ان ۾ سڄي ضلعي مان فرسٽ پوزيشن آئي، ڏاڍي خوشي ٿي، باقاعدہ لسٽ به اچي وئي، پر توھان کي خبر آھي پوءِ ڇا ٿيو؟ چار ڏينھن کانپوءِ وري ٻئي لسٽ موڪلي وئي، جنھن ۾ منھنجي پُٽ کي 22 نمبر تي موڪليو ويو! رڳو 22 نمبر واري کي 23 نمبر تي باقي سڀ ھڪڙو نمبر اڳيان ڪيا ويا! ھي اُھو ئي آءِ بي اي ٽيسٽ وارو ادارو آھي! مون ڪوشش ڪئي ۽ ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ھئس، پر پوءِ ھنن کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ پنھنجي غلطي مڃئون. معاف ڪجو! اڄڪلهه اسان جو تعليم وارو وزير صاحب سڄو ڏينھن مختلف بيان پيوڏي، اسان ھيئن ڪنداسين، اسان ھونئن ڪنداسين! سائين سرڪار کي ڪو سمجهائي ته سائين اوھان واقعي اسان جو ڀلو ڪرڻ ٿا چاھيو، پر سائين توھان جنھن ماحول ۾ پڙھيا آھيو ڇا مسڪينن جاٻچا انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو تصور ڪري سگهن ٿا!؟ واقعي توھان عمرڪوٽ ضلعي جي ڪوٽا تي پڙھيا آھيو پر توھان ته
حيدرآباد جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھيو، توھان کي ڪھڙي خبر ته ڳوٺن جي
اسڪولن ۾ مسڪينن جي ٻچن جي ويھڻ لاءِ بينچون به آھن يا نه!؟ ڳوٺن ۾ استاد
به آھن يا نه!؟ لائبرريون آھن يا نه!؟ ليبارٽريون آھن يا نه!؟ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ توھان تقريرون سُٺيون ڪري ٿا سگهو، توھان ائير ڪنڊيشن واري ٿڌن رومن ۽ آفيسن ۾ ويھي اھڙن خوابن واريون ڳالهيون ٿا اسان کي ٻڌايو! اسان اھي ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي ڪا ٻي مخلوق پيا سمجهون! سائين آءِ بي اي ٽيسٽ جيڪا توھان ورتي آھي اھا اوھان جهڙن صاحبِ حيثيت جي اولاد کان تہ وٺو، جيڪي ويهہ ھزار رُپين جي ھر مھيني ٽيوشن ٿا وٺن! جن کي اي سي ڪلاسن ۾ پڙھايو ٿو وڃي ۽ ٽي ٽي نوڪر اوھان جي اولادن جي اڳيان پٺيان ھلن ٿا! دنيا جون سڀئي نعمتون کين ميسر آھن! ڇا اُھي ھيءَ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندا؟ ان جو جواب آھي بلڪل نہ! ڇو ھنن مسڪينن جي ٻچن جي زندگين کي ٿا زھر بڻايو؟ پھرين ھنن کي اھي سڀئي سھولتون تہ ڏيو پوءِ ڏسو تہ ڇا ٿو ٿئي!؟
غريبن جا ٻار ضروريات زندگي کان خالي اسڪولن ۾ تعليم پِرائين، جتي نہ ڇِت
آھي، نہ پاڻي، نہ بجلي، نہ استاد ۽ نہ ئي ٻيون سھولتون آھن! جن اسڪولن جي
پرنسپل ٻہ سالن کان گهر ويھي پگهارون کڻن، جن اسڪولن ۾ سائنس ۽ رياضي
پڙھائڻ جا استاد نہ ھجن، جن اسڪولن ۾ نياڻين لاءِ پاڻي نہ ھجي، موت جهڙين
گرمين ۾ ٽين جي ڇتن ھيٺان ويھي بغير استادن جي پڙھيل ماڻھن کان اھڙي ٽيسٽ
ورتي وئي جيڪا دنيا جهان جي سھولتن سان ڀريل اسڪولن ۾ پڙھندڙ بہ پاس نٿا
ڪري سگهن! پر حڪومت جي مسند تي ويٺل اعليٰ دماغن کي شايد اھا ڄاڻ ئي
ڪونھي تہ ھي غريب ڪيئن پڙھيا آھن!؟ پر ھنن کي ڪھڙي ضرورت پئي آھي سندن
تڪليفن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي!؟ ھي سمجهن ٿا تہ جيئن اسين رڳو آرڊر ڪندا
آھيون تہ ھيئن ڪيو ۽ ٿي ويندو آھي! ھنن مسڪينن جي ٻچن لاءِ اھڙيون
پاليسيون نہ ٺاھيو، جن مان رڳو اوھان جي درجي وارن کي لاڀ ملي! باقي ٻيا
وڃي ٻڏي مرن! پھرين اھو سڄو سسٽم تہ ٺاھيو! اھڙو ماحول ٿئي، ايتري ھنن
مسڪينن جي ٻچن سان محنت ٿئي، اھڙيون ڪوششون ٿين، ان کانپوءِ اھڙيون
ٽيسٽون وٺو، تہ ڳالهہ ٺھي بہ ٿي! باقي ”کنيوسين گهران ئي ڪونہ ۽ ڦرياسين
واٽ تي!“ اوھان مسڪينن جي ٻچن جي ھر سھولت ڦري آھي، جيڪي استاد آھن انھن
کي اوھان پنھنجي من پسند اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رکيو آھي! جيڪڏھن نہ رکيو آھي
تہ ھي اوھان جا نورِ نظر بڻجي گهر ويٺي ويٺا کائين! اوھين ويٺا اسان کي چٿڻ جي ڪوشش ڪريو! پھرين اسڪولن ۾ سُڌارا آڻيو، بدانتظامي، اقربا پروري، پسند ۽ ناپسند وارو رويو ختم ڪريو، سڀني اسڪولن ۾ پڙھائڻ وارو مڪينزم آڻيو، لائبرريون، ليبارٽريون، انھن ۾ استاد ڏيو، پوءِ ڏسو تہ ڇا ٿو نتيجو اچي! توھان کي اھا خبر ھوندي جيڪي ٽيسٽون ٿيون آھن انھي تي جيڪي اميدوارن جو خرچ آيو آھي، ان جو ڪاٿو تہ لڳايو! تہ غريب مائٽن ڪھڙيءَ طرح ھنن جون اھي گهرجون پوريون ڪيون ھونديون!؟ صاحبن تہ رڳو آرڊر ڪيو، ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرن ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي! ان شھر وارو تہ اميدوار ٿوري خرچ تي پھچي ويندو، پر ھيڊ ڪوارٽر کان ٻہ اڍائي سئو ميل پري رھندڙ ماڻھو 7 وڳي ڪيئن پھتو ھوندو!؟ ان جو ھنن کي ڪھڙو احساس! ھڪ ھڪ اميدوار جو گهٽ ۾ گهٽ پنج ھزار رُپين کان وڌيڪ خرچ ٿيو ھوندو! ھاڻي ويھي حساب ڪريون تہ ھڪ لک 80 ھزار اميدوارن جو ڪيترو خرچ ٿيو ھوندو!؟ مٿان وري اوھان جي ورتل ٽيسٽ ھنن تي ڪھڙو اثر ڇڏيو آھي، اھو اميدوار ۽ ان جي مسڪين والدين کان پڇو؟ توھان وري ٽيسٽ واريون خبرون پيا ڪريو! وڏيري جي ڳالهہ مواليءَ جو مٿو ئي ويو!
ڇا سمجهن غريب والدين؟ جيڪي تعليم ڏني اٿوَ، ان مطابق ٽيسٽ وٺو! اھا ھنن
نوجوانن جي ڪارڪردگي ناھي، اھا تعليم کاتي تي ويٺل انھن سفارشي ماڻھن جي
ناڪامي آھي، جيڪي سفيد پوشي جي لبادي ۾ ويھي ڪري سفارش واري مرض ۾ سڄي
معاشري کي مبتلا ڪري ھاڻي پاڻ کي انھن سڀني ڳالهين کان پاڪ صاف بڻائڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن! اوھان جي ڪيل غلطين جو الزام وري ايندڙ نسلن جي
نمائندن تي وجهڻ جي ڪوشش پيا ڪريو! پر وقت جو ڪانٽو پنھنجي رفتار سان ھلي
پيو، تنھنڪري وقت ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي پوءِ پاليسيون ٺاھڻ گهرجن يا تہ
حجاج بن يوسف وارو ڪم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اميدوارن جون لسٽون، نالا اوھان وٽ
آھن، انھن کي ھونئن ئي جيئڻ جي قابل اوھان واري ٽيسٽ نہ ڇڏيو آھي، حجاج
بن يوسف چئو تہ فصل تيار آھي، ڪاٽي ڇڏيو، پوءِ عالمن کي مارائي ڇڏئين ۽
پوءِ اوھان جا من پسند ماڻھو ايندا! خطيبن کي ٻڌائي ڇڏ، ته مون کي خوف ڪونهي ڪو.
mamamanthardayo786@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو