’افغانستان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون اڳ ۾ دهشتگرد حوالي ڪن‘

’افغانستان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون اڳ ۾ دهشتگرد حوالي ڪن‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر پهرين اهي دهشتگردن کي اسان جي حوالي ڪن. افغان طالبان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن لاءِ ٽي ٽي پي اهم آهي يا پاڪستان، ۽ انهن لاءِ دهشتگردي اهم آهي يا امن.
هي انٽرويو ان وقت ٿيو آهي جڏهن دوست ملڪن جي سفارش تي پاڪستان، افغانستان ۾ 26 فيبروري کان شروع ڪيل آپريشن غضب للحق اڄ 18 مارچ کان عيد جي ڪري معطل ڪيو آهي، پاڪستان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان وچ ۾ افغانستان مان حملو ٿيو ته پاڪستان وري بمباري شروع ڪندو.
جيو نيوز جي پروگرام “ڪيپيٽل ٽاڪ” جي ميزبان حامد مير سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن کي پاڻ وٽ لڪائي رکيو آهي، ايتري قدر جو سرڪاري عمارتن ۾ به دهشتگرد موجود آهن. پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر پهرين دهشتگردن کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ملڪ مان دهشتگردي جا مرڪز ختم ڪيا وڃن.
“افغان طالبان صوماليه جي الشباب کي دعوت ڏني آهي ته افغانستان اچن”
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا کي ڄاڻڻ گهرجي ته افغان طالبان صوماليه جي تنظيم الشباب کي دعوت ڏني آهي ته افغانستان اچو، توهان کي هتي جاءِ ڏني ويندي. اسامه بن لادن جي پٽ سان به سندن رابطا آهن ۽ حمزه بن لادن کي به چيو ويو آهي ته افغانستان اچي وڃي، توهان کي هتي جاءِ ڏني ويندي. افغانستان سڄي دنيا جي دهشتگردن جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان انهن کي روڪي رهيو آهي. هي رڳو پاڪستان جي عوام جي جنگ ناهي، پر سڄي خطي ۽ دنيا جي جنگ آهي جيڪا اسان وڙهي رهيا آهيون.
“شروعات انهن ڪئي، پاڪستان جواب ڏنو”
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان آرمي ڪابل ۾ افغان رجيم جي هٿيارن جي ذخيرن ۽ ڊرون اسٽوريج کي نشانو بڻايو، جيڪي پاڪستان خلاف دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيا هئا. اها ڪارروائي افغان طالبان جي انهن 53 حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي، جيڪي انهن پاڪستان ۾ اسان جي چوڪين تي ڪيا. شروعات انهن ڪئي، پاڪستان صرف جواب ڏنو آهي.
هن چيو ته جڏهن اسان دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪندا آهيون ته اهي پنهنجي مليشيا کڻي اتي پهچي ويندا آهن. اسان انهن جي 81 هنڌن تي حملا ڪيا آهن، ۽ اهي سڀ حملا دهشتگردن جي مدد ڪندڙ ڍانچن (انفرااسٽرڪچر) تي ڪيا ويا، جتان پاڪستان خلاف ڪاررواين لاءِ سهڪار ملي رهيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ هدف افغان طالبان جي گولا بارود، هٿيارن ۽ ڊرون جهازن جو ڊپو هو. جڏهن اهو بارود ڦاٽيو ته جيڪي ڌماڪا ٿيا، اهي سڄي شهر ڏٺا. حملي ۾ شهري جاني نقصان بابت پروپيگنڊا غلط آهي، ڇو ته طالبان جا ڪيترائي ويڙهاڪ وردي بدران عام شهري ڪپڙا پائين ٿا، ۽ طالبان منشيات جي عادي ماڻهن کي خودڪش حملن لاءِ استعمال ڪندا آهن.
“اسان کي افغان ڀائرن سان ڪو مسئلو ناهي”
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان کي افغان ڀائرن سان ڪو مسئلو ناهي، اهي پاڻ مظلوم آهن ۽ هن رجيم جي ظلم جو شڪار آهن. اسان افغانن کي نه، پر دهشتگردن کي نشانو بڻايو. حملن کان پوءِ وزارت اطلاعات فوري طور تي اپڊيٽ ڏئي ٿي ۽ واضح ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙن هدفن کي نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته ڪابل ۾ فوجي ڪيمپ ۽ ايمونيشن اسٽوريج سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو. جتي بارود هجي، اتي حملي کان پوءِ ڌماڪا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي، جيڪا دنيا ڏٺي. اسان افغانستان ۾ هدفن کي نشانو بڻائڻ ۾ تمام گهڻي احتياط ڪندا آهيون. افغان طالبان رجيم ڪوڙا دعويٰ ڪري پوءِ پوسٽون ڊليٽ ڪري ڇڏيندي آهي.
هن سوال اٿاريو ته ايمونيشن اسٽوريج ۾ “ڊرگ اسپتال” ڇو ٺاهيو ويو؟ ماضي ۾ انهن نشي جي عادي ماڻهن کي يرغمال بڻايو هو. پاڪستان ۾ ٿيندڙ گهڻا خودڪش حمله آور نشي جا عادي هوندا آهن يا نشي جي اثر هيٺ هوندا آهن، ۽ افغان طالبان کي نشي وارن کي خودڪش حملن لاءِ استعمال ڪرڻ جي پراڻي عادت آهي.
“اسان افغانستان تي جنگ مسلط نه ڪئي”
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان افغانستان تي جنگ مسلط نه ڪئي، پر دهشتگردي خلاف جنگ اسان تي مڙهي وئي آهي. هن جنگ ۾ هزارين پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ اسان ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف وڙهي رهيا آهيون.
هن چيو ته دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. ترلائي مسجد ڌماڪي ۾ معصوم ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگرد افغانستان مان آيو هو ۽ اتي تربيت ورتي هئي. وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي ۾ ماريل پنجئي دهشتگرد افغان شهري هئا. پوليس، شهرين ۽ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ دهشتگرد افغانستان مان اچي رهيا آهن. انهن تنظيمن جي قيادت به افغانستان ۾ موجود آهي، جن ۾ نورولي، بشير زيب ۽ گل بهادر شامل آهن.
“ڀارت افغان طالبان کي ڊرون ڏئي رهيو آهي”
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا ملڪ تي قابض ٿي آهي، ۽ گڏيل قومون به اهو چوي ٿي. افغانستان ۾ ڊرون ٺاهڻ جي ڪا فيڪٽري ناهي، ته پوءِ ڪهڙو ملڪ انهن کي ڏئي رهيو آهي؟ ڀارت افغان طالبان کي ڊرون جهاز استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته مشرق وسطىٰ ۾ بهترين دفاعي نظام هجڻ باوجود ڪجهه هدف نشانو بڻيا، پر افغانستان مان ايندڙ سڀئي ڊرون اسان ڪيرايا آهن.
“اڳي اسان کي صبر ڪرڻ چوندا هئا، هاڻي پاڻ صبر ڪن”
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن کي سرڪاري عمارتن ۾ لڪائي رکيو آهي. اڳ جڏهن اسان ڳالهائيندا هئاسين ته اهي چوندا هئا “صبر ڪريو”، هاڻي پاڻ صبر ڪن. ڇا اهي پاڪستان ۾ ٻارن کي شهيد ڪن ۽ اسان انهن سان ڳالهين لاءِ ويهون؟
هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا هر فورم تي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اسان دوست ملڪن کي چوندا آهيون ته ضمانت ڏيو، پر دنيا ۾ ڪو به انهن جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۾ منشيات جو به وڏو ڪردار آهي. اسلام ڪٿي به دهشتگردي يا خودڪش حملن جي اجازت نٿو ڏئي، ۽ نه ئي عورتن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري.
هن آخر ۾ چيو ته پاڪ-افغان سرحد تي اسمگلنگ به ملڪ کي نقصان پهچائيندي هئي، پر هاڻي ڪراس بارڊر دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اسمگلنگ به گهٽ ٿي وئي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو