اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي حفاظت تي زور ڏنو آهي.گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي تعاون جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سمورا ملڪ افغانين جي جبري واپسي کي روڪين.يو اين ايڇ سي آر جو چوڻ آهي ته مشڪلاتن ۽ چينلز باوجود پاڪستان کي افغان شهرين جي محفوظ وطن واپسي جو عمل يقيني بڻائڻ گهرجي.گڏيل قومن جي ايجنسي اهو پڻ چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني حقن جي مسئلن ۽ عورتن جي مصيبتن جي ڪري افغان پناهگيرن جي گهر واپسيءَ لاءِ سنگين سيڪيورٽي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.ان کان علاوه يو اين ايڇ سي آر 4 ڏهاڪن تائين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته يو اين ايڇ سي آر ۽ آءِ او ايم جي حڪومت پاڪستان سان ڊگهي پارٽنرشپ آهي.هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن جي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن جي عمل ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، انهن ماڻهن سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جن کي عالمي مدد جي ضرورت آهي.ايو اين ايڇ سي آر موجب افغان جيڪي ملڪ ۾ تحفظ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن کي خطرو ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن انهن کي زبردستي واپس موڪليو ويو.
