گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست رد

گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پيسا وٺڻ وارا به ڏوهي آهن انهن جي بيان حلفي سان گڏ نئين درخواست ڏيو. علي حيدر گيلاني جي وڊيو واري معاملي تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي پي ٽي آءِ جي نمائندن کان پُڇيو ته وڊيو ۾ جِن ماڻهن سان ڊيل ٿي رهي آهي، ڇا توهان اُنهن کي سڃاڻو ٿا، ڇا ضروري نه هو ته وڊيو ۾ موجود ماڻهن کي به جوابدار ڄاڻايو وڃي ها، جِن ماڻهن پئسا ورتا آهن، اُنهن جو حلفي بيان به درخواست ۾ هجڻ گهرجي ها، رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي ملوث آهن، ائين ناهي ته رڳو رشوت ڏيندڙ کي ڌر بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نئين سر درخواست داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۾ 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو اسڪينڊل تي ٻڌڻي دوران ڪميشن جي بئنچ جي سربراهه الطاف ابراهيم قريشي درخواست گذار ليگي اڳواڻن کي چيو ته جِن ايم پي ايز پئسا وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، درخواست ۾ کين ڌُر بڻايو، ڪميشن کي ڪيئن خبر پئي ته وڊيو اسڪينڊل ۾ ڪير ملوث آهي، رڳو وڊيو تي ماڻهن کي فارغ ڪنداسين ته اسيمبلي خالي ٿي ويندي. ياد رهي ته ويڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ساڳئي لا فرم جا وڪيل هائر ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو