گوجرانوالا ۾ ڪارروائي، ايف بي آر جو اپيل ڪمشنر گرفتار

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)ايف بي آر جي اپيل ڪمشنر مرتضيٰ صديق خان کي پوليس گوجرانوالا ۾ گرفتار ڪري ورتو.رپورٽن مطابق مرتضيٰ صديقي خلاف سندس اڳوڻي زال پاران ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت 2013 ۾ مرتضيٰ صديقي خلاف فيصلو ڏنو هو.مرتضيٰ صديقي کي اڳوڻي زال کي 39 لک رپيا ڏنڊ ڏيڻو هو، فيملي ڪورٽ عدم تعميل تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.پوليس موجب جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو