گوادر ڪامپليڪس تي حملو ناڪام، 7 ئي دهشتگرد مارجي ويا

گوادر (ويب ڊيسڪ)گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس تي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 7 ئي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مڪران ڊويزن جي ڪمشنر سعيد احمد عمراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته بي ايل اي جي دهشتگردن گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس ۾ زوري اندر گهري فائرنگ ڪئي ۽ ڌماڪا به ٿيا. سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ابتدائي طور ايس ايس پي گوادر ڪيپٽن (ر) زوهيب محسن مارجي ويل دهشرگردن جو انگ 8 ٻڌايو هو پر بعد ڳڻپ دوران ماريل دهشتگردن جو انگ 7 ٻڌايو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب فائرنگ کان اڳ علائقي ۾ ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا. ياد رهي ته گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس ۾ پاسپورٽ آفيس، اليڪشن ڪميشن آفيس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جون آفيسون پڻ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو