ٽرالر ڊرائيورن جي اغوا جي ڪوشش، 3 زخمي، روڊ بلاڪ

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي سرحد واري علائقي ۾ ٽرالر ڊرائيورن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ دوران ايس ايڇ او سرحد محمد علي مهر ۽ 3 ڊرائيور زخمي ٿيا آهن،ڌاڙيلن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ايس ايڇ او محمد علي مهر، ڊرائيور عبدالغفار، زاهد ۽ عبدالشڪور زخمي ٿي پيا،واقعي بعد ڌاڙيل ڪچي فرار ٿي ويا، پوليس واقعي بعد رائونتي جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪري ڏنو،ايس ايڇ او سميت سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو