صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث 3 شڪي گرفتار

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ پوليس صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري شڪ جي بنياد تي 3 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس موجب ڪارروائي ڳوٺ ڪمال لنڊ ۾ ڪئي وئي، گرفتار جوابدارن کان صحافي جي قتل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.ٻئي طرف صحافي جي قتل خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.ياد رهي ته ڊي آئي جي پير محمد شاهه نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته 10 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو