2 چور سوگها، ڪٽڪي بعد پوليس حوالي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار ) پنوعاقل جي فضل محلا ۾ عبدالوهاب چاچڙ جي بند پيل گهر ۾ ٻه مبينا چور چوري جي ارادي سان داخل ٿيا جنهن کي علائقي واسين ڏسي پڪڙي ڪري زبردست ڪٽڪي بعد سٽي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، رابطو ڪرڻ تي سٽي پوليس ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته ٻه جوابدار چوري جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيا آهن جنهن بعد پوليس پهچي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ٻنهي جوابدارن ۾ هڪ صالح پٽ واسي غلام حيدر ناپر جڏهن ته ٻي جي سڃاڻپ سکر واسي دوست محمد ڀٽار طور ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ٻنهي جوابدارن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ پڇا ڳاڇا هلندڙ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو