گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي موجودگي دوران پنوعاقل مان هڪ ڄڻو اغوا

گهوٽڪي(ن س)ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ ڪنڌڪوٽ ۽ سکر کان پوءِ گهوٽڪي پهچي ويا ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس ۾ اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پيز طرفان شرڪت ڪئي وئي اجلاس ۾ ڪچي ۾ آپريشن بابت اهم فيصلا، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي موجودگي دوران پنوعاقل مان وڌيڪ هڪ ڄڻو اغوا ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربند 40 ورهين جي غلام حيدر دايو کي اغوا ڪري ويا، پوليس ۽ ڳوٺاڻا پيرا کڻي هٿياربندن پٺيان ويل آهن،سکر ضلعي مان ٻن ڏينهن اندر اغوا ٿيل ماڻهن جو نگ وڌي 5 ٿي ويو، پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو