گهرو وزير راڻا ثناءُ الله 4 ڏينهن جي دوري تي عراق روانو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنهنجي عراقي هم منصب جي دعوت تي 4 ڏينهن جي دوري تي عراق روانو ٿي ويو.راڻا ثناءُ الله سان گڏ عالمن جو وفد به عراق روانو ٿي ويو آهي.ان دوري تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عراقي صدر، وزيراعظم ۽ گهرو وزير سان ملاقات ڪندو.عراق جي دوري دوران زائرين جي سهولت ۽ انهن مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو