گهارو ۾ ساليانو ترقياتي ڪم ڪرايو ويندو،ڪارپوريشن

گهارو ۾ ساليانو ترقياتي ڪم ڪرايو ويندو،ڪارپوريشن

ڪراچي (پ ر ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب نيو پمپ هائوس گهارو ۾ واٽر ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران ساليانو ترقياتي ڪم ڪرايو ويندو، ترقياتي ڪم 16 مئي کان 19 مئي تائين جاري رهندو، ترقياتي ڪم جي دوران نيو پمپ هائوس گهارو ۾ پينل ۽ اليڪٽريڪل جا نوان برقي آلات نصب ڪيا ويندا، ترجمان ٻڌايو تہ ترقياتي ڪم جو ڪل مدو 72 ڪلاڪ هوندو ۽ ترقياتي ڪم سبب شهر کي روزانو 13 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، ان سلسلي ۾ شهرين کي درخواست آهي تہ اھي پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن تہ جيئن ڪنھن بہ پريشاني کان بچي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو