گلگت ۾ جي صورتحال تي ميڊيا ۾ هلندڙ خبرون بي بنياد آهن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌسماءَ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي حوالي سان ميڊيا ۾ هلندڙ خبرون ۽ قياس آرائيون مڪمل طور تي بي بنياد آهن پنهنجي بيان ۾ مرتصيٰ سولنگي چيو ته گلگت بلتستان جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته گلگت بلتستان ۾ صورتحال مڪمل طور تي پرامن آهي مرتصيٰ سولنگي چيو ته گلگت بلتستان ۾ سمورا رستا واپاري مرڪز ڪاروباري سرگرميون ۽ تعيليمي ادارا معمول مطابق کليا آهن پاڪستان آرمي ۽ سول آرمڊ فورسز جون خدمتون رڳو حضرت امام حسين جي چهلم جي موقعي تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ طلب ڪيون ويون آهن جلوس جي رستن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ ماضي وانگر خاص قدم کنيا ويا آهن مرتصيٰ سولنگي چيو ته گهروکاتي پران چيو ويو آهي ته امن امان برقرار رکڻ عوام جو تحفظ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سي آر پي سي 1898 جي قلم 144 سڄي خطي ۾ لڳايو ويو آهي مرتصيٰ سولنگي چيو ته اچو ته سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ بيانيو ۽ جعلي خبرن جي رڪارڊ کي ٺيڪ ڪريون وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ امن ۽ استحڪام آهي اسڪول ڪاليج بازارون ۽ رستا کليل آهن جيڪي معمول جي احساس جو اظهار ڪري رهيون آهن ڪڏهن ڪڏهن مذهبي ۽ فرقيواريت خدشن جي ردعمل ۾ پرامن احتجاج ٿئي ٿو پر امن امان جي صورتحال پرامن آهي مرتصيٰ سولنگي چيو ته فوج جي ڪائي مقرري ناهي ٿي پاڪستان آرمي ايندڙ هفتي حضرت امام حسين جي چهلم جي موقعي تي ڪميونٽي جي تحفظ لاءِ تيار آهي مرتصيٰ سولنگي چيو ته گلگت بلتستان ۾ بدامني جون خبرون بي بنياد آهن ڪائي گولي ناهي هلي، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي ڪوبه نقصان ناهي پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو