گريڊ 5 جو ملازم 19هين گريڊ جي عهدي تي ڇو؟ جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ 5 جي ملازم کي گريڊ 19 ۾ مقرر ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر بورڊ جي 5 گريڊ جي ملازمن کي بلديات ۾ 19 گريڊ ۾ مقرر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته واٽر بورڊ ۾ گريڊ 5 جو ملازم بلديات ۾ گريڊ 19 جو آفيسر ڪيئن مقرر ٿيو؟ عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري بلديات کي جاچ ڪري 22 مئي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت لطيف خان جي گريڊ 19 ۾ ڊيپوٽيشن آفيسر جي مقرري جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري، لوڪل سيڪريٽري، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو