گرفتار ٿيس ته جيل مان چونڊون وڙهندس: شيخ رشيد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته گرفتار ٿيس ته مان ۽ منهنجو ڀائٽيو راشد شفيق ٻئي جيل مان چونڊون وڙهنداسين.دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته مون پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪيسز تي ڪنهن کي به ڪجهه ناهي چيو، معاملو الله تي ڇڏي ڏنو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته چلو به ڪاٽيو ۽ قرباني به ڏني پر ڪابه پريس ڪانفرنس نه ڪئي. گرفتار ٿيس ته مان ۽ راشد شفيق ٻئي جيل مان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين. سموري قوم کي چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اڄ مون کي پوليس گرفتار ڪيو ته جيل مان چونڊون وڙهندس. اسان پنڊي جي پڳ تي داغ لڳڻ نه ڏنو هاڻ ووٽ ڏيڻ اوهان جو ڪم آهي.هن چيو ته 8 فيبروري تي ٻن تڪن تان اڪثريت سان کٽينداسين. راولپنڊي جي ماڻهن کي انهي ڳالهه جو احساس آهي ته خدمت ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي ۽ ڪنهن ڪئي آهي.شيخ رشيد چيو ته عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي جهنم ۾ اڇلايو ويو آهي جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِ نڪتا آهيون. هڪ شيءَ ڪليئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته مون ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف پريس ڪانفرنس ناهي ڪئي. ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف ڪجهه نه چيو نه ئي وري چوندس.

پهنجو تبصرو موڪليو