اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي انڪشاف ڪيو آهي ته سوئي گئس ڪمپنين ۾ گئس چوري ۽ ليڪيج جي ڪري قومي خزاني کي هر سال 60 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد مصطفيٰ محمود جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبر گل اصغر خان ٻنهي گئس ڪمپنين (ايس ايس جي سي ۽ ايس اين جي پي) جي نجڪاري جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي.گل اصغر خان چيو ته ٻنهي گئس ڪمپنين جو 60 ارب رپين جو سالياني نقصان ڪو ننڍڙو معاملو ناهي، اهو بار عوام برداشت ڪري رهيو آهي.ايم ڊي سوئي ناردرن امير طفيل چيو ته سوئي ناردرن جو گئس ليڪيج ۽ چوري جي ڪري نقصان 5.27 سيڪڙو آهي، جيڪو اوگرا جي هدفن کان به گهٽ آهي ۽ موجوده گئس نقصان جو تخمينو 30 ارب رپيا ساليانو آهي.سوئي سدرن جي ايم ڊي امين راجپوت موجب، سندس سوئي سدرن ڪمپني جو سالياني نقصان به 30 ارب رپيا آهي، جيڪو 17 سيڪڙو کان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.ڪميٽي ميمبر سيد نويد قمر گئس سيڪٽر جي وڌندڙ گردشي قرض تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گئس سيڪٽر جو گردشي قرض وڌي رهيو آهي، ان ڪري گئس ڪمپنيون تباهه ٿي وينديون، جنهن تي ڊي جي گئس ٻڌايو ته گئس سيڪٽر جو ڪل گردشي قرض 3283 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ 1452 ارب رپيا دير سان ادائيگي جي سرچارج ۾ شامل آهن.ڊي جي گئس وڌيڪ چيو ته ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ ليٿيم ذخيرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن ۾ گلگت بلتستان ۽ ڪوٽلي شامل آهن.ان کان علاوه، ايندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي ادارن لاءِ 4 ارب رپين کان وڌيڪ جو ترقياتي بجيٽ تجويز ڪيو ويو آهي.










