ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن ڪڻڪ جي دستيابي، اٽي جي موجوده اگهن ۽ پوري صوبي ۾ ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ غير قانوني ذخيرن خلاف جاري مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم بلال ميمڻ، سيڪريٽري خوراڪ غلام عباس نائچ، ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن بلاول ابڙو ۽ خوراڪ کاتي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوري سنڌ ۾ غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪري ان کي مارڪيٽ ۾ وڪرو لاءِ روڪيندڙ عنصرن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي جاري انتظامي ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي ڪابينا جي فيصلي موجب هيل تائين 15 لک 44 هزار 194 ٻوريون ڪڻڪ، جيڪا هڪ لک 54 هزار 419 ڏهائي 40 ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿي، سرڪاري قبضي ۾ ورتي وئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها مقدار هلندڙ سال ڪڻڪ خريداري مهم دوران حڪومت طرفان خريد ڪيل ڪڻڪ جي مجموعي مقدار کان لڳ ڀڳ ٻيڻي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ ضلعي انتظاميه، خوراڪ کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ۽ اثرائتين ڪاررواين کي ساراهيندي چيو ته حڪومت جي لڳاتار قدمن سبب ذخيرو اندوزي ۽ قياس آرائي تي ٻڌل واپار جي همت شڪني ٿي آهي، مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي بهتر ٿي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پوري صوبي ۾ اٽي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي پنهنجي ڊويزنن ۾ فلور مل مالڪن ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان اجلاس منعقد ڪري ڪڻڪ جي دستيابي ۽ اٽي جي اگهن جو جائزو ورتو. گڏيل انتظامي قدمن ۽ فلور مل انڊسٽري سان صلاح مشوري جي نتيجي ۾ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي آندي وئي ۽ بهتر ڪڻڪ فراهمي جو فائدو سڌو سنئون صارفين تائين منتقل ڪيو ويو. ڪراچي ۾ اٽي جي ايڪس مل اگهه ۾ في ڪلو 8 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ اٽي جو پرچون اگهه 118 رپيا في ڪلو، حيدرآباد ۾ 125 رپيا في ڪلو، سکر ۾ 122 رپيا في ڪلو، ميرپورخاص ۾ 118 رپيا في ڪلو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 122 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته، “اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي سنڌ حڪومت جي بروقت مداخلت ۽ ذخيروڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف اثرائتين ڪاررواين جو سڌو سنئون نتيجو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت عوام کي مصنوعي کوٽ ۽ ضروري شين جي اگهن ۾ بنا جواز واڌ کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا ضروري انتظامي ۽ قانوني قدم جاري رکندي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه واضح ڪيو ته ڪنهن به لائسنس يافته واپاري کي ڪڻڪ جي وڪري کي روڪڻ، مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ يا اگهن ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته سڀئي لائسنس يافته واپاري قانون ۽ لائسنس جي شرطن موجب ڪاروبار ڪرڻ جا پابند آهن. هن ضلعي انتظاميه ۽ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ظاهر نه ڪيل ۽ غير قانوني طور ذخيرو ڪيل ڪڻڪ خلاف انٽيليجنس بنيادن تي بنا امتياز ڪارروايون جاري رکيون وڃن. چيف سيڪريٽري گودامن، فلور ملن، اٽي جي چڪين، واپاري مرڪزن ۽ ٻين ذخيرگاهن جي باقاعده انسپيڪشن ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن ظاهر ڪيل ڪڻڪ جي ذخيرن جي تصديق ڪري سگهجي ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو وڃي. هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته پوري صوبي ۾ ڪڻڪ جي واپارين، فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين جو تعلقه وار جامع ڊيٽابيس تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ لائسنس جي حيثيت، ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش، موجود ڪڻڪ، روزاني وڪري يا پسائي لاءِ جاري ڪيل ڪڻڪ جي مقدار ۽ ٻيون لاڳاپيل ڄاڻ شامل هجي. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته هن ڊيٽابيس کي روزاني بنيادن تي اپڊيٽ ڪيو وڃي، جيئن صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ فراهمي جي مڪمل نگراني ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.










