ڪڙيوگهنور، شاخ کي گهارو، فصل پاڻي هيٺ

ڪڙيوگهنور، شاخ کي گهارو، فصل پاڻي هيٺ

ڪڙيوگهنور (ن س)ڪڙيوگهنور جي علائقي مان گذرندڙ ڄام واهه شاخ کي اچانڪ 50 فوٽن جو وڏو گهارو پئجي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تيزيءَ سان نڪرندڙ پاڻي سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريال (چانورن) ۽ ٻين قيمتي فصلن ۾ گهڙي ويو آهي. علائقي واسين موجب گهارو پوندي ئي پاڻي وڏي تيزي سان زرعي زمينن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا. متاثر آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گهارو پوندي ئي آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل عملي کي فوري طور تي اطلاع ڏنو ويو، پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ڪو به سرڪاري عملدار يا بيلدار موقعي تي نه پهتو. جنهن کانپوءِ نقصان کي وڌيڪ وڌڻ کان بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻن ۽ زميندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوڏرون ۽ ٻوريون کڻي گهاري کي ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڄام واهه شاخ جا ڪنارا ڪافي وقت کان ڪمزور هئا، پر آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب پٿرن جي ڀرائي يا ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪو به ڪم نه ڪرايو ويو، جنهن جو نتيجو اڄ غريب هارين کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن وقت پاڻي جو وهڪرو تيز هجڻ سبب گهاري جو ويڪر وڌي رهيو آهي ۽ زرعي زمينن سان گڏوگڏ ويجهن ڳوٺن جي ٻڏڻ جو وڏو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. متاثر آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير آبپاشي ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته واهه جو پاڻي پٺيان کان فوري طور تي بند ڪرائي، وڏيون مشينريون موڪلي گهارو بند ڪرايو وڃي ۽ غريب آبادگارن جي ٿيل نقصان جو سروي ڪرائي کين فوري طور مالي امداد ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو