ڪچي ۾ آپريشن، 2 يرغمالي بازياب، 2 ڌاڙيل مارجي ويا

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)سکر پوليس شاهه ٻيلو جي ڪچي مان ڪارروائي ڪندي 25 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل 2 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو.سکر پوليس موجب ٻن ڄڻن کي 25 ڏينهن اڳ ٿاڻي جي حد مان ڌاڙن اغوا ڪيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي يرغمال بڻائي شاهه بيلو ڪچا کان پٺاڻ طرف وٺي رهيا هئا.سکر پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته مقابلي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، فرار ٿيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف گهوٽڪي ۾ پوليس ۽ رينجرز رونتي جي خام واري علائقي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو، پنجاب ۽ سنڌ جي پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ ٻه ڏوهاري عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا. ٻنهي صوبن جو پوليس آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو