ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار آهن

ڪنڌ ڪوٽ(ن س)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار اعتراف ڪيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن، ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار ڪيئن پهتا؟ ڪنڌڪوٽ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن، ٻي صورت ۾ بچي نه سگهندا هن چيو ته ڪراچي جي امن ۾ نگران حڪومت دوران بگاڙ آيو، اسٽريٽ ڪرائيم ختم ڪرايو ويندو، ڪشمور ، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ڏوھارين خلاف حڪمت عملي جوڙي آهي صوبائي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن سان ڳالھايو آھي، جلد اجلاس گھرائي ٺاهه ڪرايو ويند

پهنجو تبصرو موڪليو