ڪپل شرما صبا قمر جي ڏاهپ جو اعتراف ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ نامور اداڪارا صباقمر جڏهن انساني فطرت بابت خيالن جو اظهار ڪيو ته ڀارتي ڪاميڊين ۽ ميزبان ڪپل شرما به ساڻس اتفاق ڪيو.مشهور ڀارتي ڪاميڊين ۽ اداڪار ڪپل شرما پاڪستاني اداڪارا صبا قمر جي دانش جو مداح بڻجي ويو آهي، سندس وائرل ڪيل ڪلپ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي ٻيهر شيئر ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته تازو ئي صبا قمر هڪ ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪئي هئي جتي هن انساني فطرت تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”خوش ماڻهو هر ڪنهن کي خوش ڪري ٿو، پر اداس ماڻهو پنهنجي آس پاس جي سڀني کي اداس ڪري ٿو.هي وڊيو ڪلپ وائرل ٿيڻ تي ڪپل شرما جو به ڌيان ڇڪايو، ڪاميڊين صبا قمر جي ڪلپ کي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ٻيهر شيئر ڪيو ۽ سندس ساراهه ۽ حمايت ڪئي.اداڪاره صباقمر لالي ووڊ سان گڏوگڏ بالي ووڊ ۾ به پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي، هن باغي، منٽو، شيخ، فراڊ، سر راه، گانا ۽ تمي حسن ڪي نام سميت ڪيترن ئي پروجيڪٽن ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو