ڪٺ پتلي ۽ ووٽ جي عزت وارن جو بندوبست ڪبو، بلاول

نڪيال(ڊيسڪ رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وزيراعظم بزدل ۽ ڪٺ پتلي آهي، مودي تاريخي حملو ڪيو ته بزدل وزيراعظم جواب نٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته مان ڇا ڪريان؟ هن چيو ته وزيراعظم 5 لک ڏيڻ جو اعلان ڪري حددخلين جي نالي تي عام ماڻهن جا گهر تباهه ڪري رهيو آهي، بزدلن جي سياست ڏسو آزاد ڪشمير ۾ اسانجي اميدوارن تي حملا ڪيا وڃن ٿا، پي ٽي آءِ مسلم ڪانفرنس ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جي نالي تي سياست ڪندڙن کي پيغام ڏيان ٿو ته مقابلو ڪرڻو آهي ته اليڪشن جي ميدان ۾ ووٽ سان مقابلو ڪريو، پيپلز پارٽي توهان جيان تشدد تي يقين نٿي رکي، مون پنهنجي جيالن کي حڪم ڏنو ته توهان ڪٿان جا به نه رهندا، آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ سان حڪومت ٺاهيندي، ايم سي، ڪٺ پتلين ۽ ووٽ کي عزت ڏيو وارن جو بندوبستن ڪنداسين. اسان مودي کي شادي ۾ دعوت ناهيون ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو