پشاور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات خان چيو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ آپگهاتي بمبارن مان 75 سيڪڙو جو تعلق افغانستان سان آهي.نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ آءِ جي خيبرپختونخواه اختر حيات خان چيو ته علي مسجد، باڙه، هنگو، باجوڙ ۽ پوليس لائنز جي آپگهاتي بمبارن ۾ به افغان شهري هئا.هن چيو ته هن سال ڀتا خوري جا 76 ڪيس سامهون آيا، ڀتا خوري جا 49 ڪيس ٽريس ڪيا ويا، پشاور جي وڏن واپارين کي ڀتا خوري جون ڪالون ٽريس ڪيون ويون، ڀتا خوري ۾ ملوث مقامي ۽ افغاني ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو، چترال، مهمند ۽ باجوڙ مان ڀتا خور گرفتار ٿيا. .اختر حيات چيو ته ڏکڻ ضلعن جي مقامي ڪانٽريڪٽرن کان به ڀتا خور پڪڙيا ويا، ڀتا خورن خلاف ڪاررواين سبب ڀتا خوري جي ڪالز ۾ گهٽتائي آئي آهي، هڪ سال اڳ ڀتا خوري جي ڪالز بابت باقاعده ڊيٽا نه رکيو ويو.آءِ جي ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ گروپ ۾ شامل ٻن پوليس اهلڪارن سان ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ٻن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪيو ويو، آفيسون قائم ڪري ايس پي ريٽائرڊ آفيسرن کي اتي مقرر ڪيو ويو.
