ڪي پي قيادت جي ملاقات، ايندڙ وزيراعظم بلاول هوندو: فريال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)خيبرپختونخواهه جي صوبائي قيادت پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي. فريال ٽالپر سان زرداري هائوس ۾ قائم مقام صدر محمد علي شاهه باچا، جنرل سيڪريٽري شجاع خان، پيپلز پارٽي عورت شعبي جي صوبائي صدر سينيٽر روبينا خالد ملاقات ڪئي.فريال ٽالپر سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ اڳوڻو وزير ظاهر علي شاهه ۽ اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي به شامل هئا. ملاقات دوران خيبرپختونخواهه صوبي جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت پارٽي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.فريال ٽالپرچيو ته ملڪ جي ٻين صوبن وانگر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواهه جي عوام جي اميدن جو محور آهي اڄ هرڪو اهو سمجهي رهيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز صدر آصف علي زرداري جي ويزن سان ئي منهن ڏئي سگهجن ٿا،ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ڀت تي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو ئي وزيراعظم ٿيندو، انشاءَ الله،

پهنجو تبصرو موڪليو