پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي مواصلات ۽ ورڪس واري وزير شڪيل احمد خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.شڪيل خان چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي موڪلي ڇڏي آهي، هو ڪابينا مان استعيفيٰ جا سبب ايوان ۾ ٻڌائيندو.هن چيو ته وڏي وزير سان اختلاف اصولن تي ٻڌل آهن پر منهنجو ووٽ پي ٽي آءِ جي باني لاءِ آهي، مان پاڻ کي سمورن فورمن تي احتساب لاءِ پيش ڪيان ٿو.صوبائي وزير شڪيل خان الزام هڻندي چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ڪنهن ٻئي جي اشارن تي ڪم ڪري رهيو آهي، صوبائي حڪومت پنهنجي بنيادي اصولن ۽ واعدن تي سمجهوتو ڪري رهي آهي، حڪومت پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي هٽي وئي آهي. خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن پارٽي جي منشور کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.شڪيل خان وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي الزام هڻندي چيو ته وڏو وزير سندس کاتي ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، صوبي ۾ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني سبب هو ڪم نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته هو صوبي ۾ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني خلاف آواز اٿاريندا رهندا.ذريعن موجب شڪيل خان پاران علي امين گنڊاپور جي ڪابينا ۾ ڪرپشن جون شڪايتون به سامهون آيون هيون، سندس شڪايتن جي بنياد تي ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪيل خان جا ٻين وڏن وزيرن سان به اختلاف هئا ۽ هن اڳوڻي وڏي وزير محمود خان سان به اختلاف ظاهر ڪيا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان ڪابينا ۾ تبديلي جو امڪان هو ۽ شڪيل خان کي هٽائڻ جون ڳالهيون به ٿيون هيون پر شڪيل خان وڏي وزير جي هٽائڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.










