ڪراچي (م ) ڪراچي جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪي اليڪترڪ جو لائسنس معطل نه ٿيڻ جي ذميوار (ن) ليگ پي پي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڄانائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڇو لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي شهر جو آواز آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪيو وڃي ۽ قومي تحويل ۾ ورتو وڃي حافظ نعيم الرحمان گرمي وڌڻ سان گڏوگڏ شهر ۾ لوڊشيڊنگ وڌي وڃڻ تي سخت ردعمل ڏنو آهي هن چيو ته بجلي ڪمپني جو لائسنس معطل نه پيو ٿئي ته ذميوار (ن) ليگ، پي پي ۽ ايم ڪيوا يم آهي. ڪي اليڪترڪ جي لائسنس جو مسئلو هلي رهيو آهي بجلي جي چوري هڪ هنڌ ٿئي ٿي پر ان جو ٻوجهه سڄي آبادي تي وڌو وڃي ٿو گهرن ۽ دڪانن جي بجلي هڪ مهيني ۾ ڪٽي وڃي ٿي گرمي وڌڻ سان گڏوگڏ شهر ۾ لوڊشيڊنگ به وڌائي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ سستي بجلي وٺي مهانگي بجلي ڏئي رهي آهي فيول به وڌيڪ خرچ ٿئي۽ هي ادائيگيون به نه ڪن انهن کي سبسڊي ملي ٿي هڪ گروپ کي نوازڻ لاءِ قومي خزاني تي ٻوجهه وڌو وڃي ٿو هن وقت شهر ۾ بدترين لوڊشيدنگ ٿي رهي آهي هن چيو ته ڪي اليڪترڪ 2018 کان نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جو باقيدار آهي جڏهن ته ان جولائسنس رد نٿو ٿئي هن ٻڌايو ته هن دفعي ڪي اليڪٽرڪکي تاريخي 170 ارب رپينج ي قومي خزاني مان سبسڊي ڏني وئي جڏهن ته ان سان عوام کي ڪو فائدو نه آهي تنهنڪري ڪي اليڪٽرڪکي قومي تحويل ۾ ورتو وڃي ۽ فارنزڪ آڊٽ ڪيو وڃي.
