ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن صارفين تي بجلي جو بم ڪيرايو وڃي.ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.ڪي اليڪٽرڪ جو موجوده بيسڪ ايوريج ٽيرف 34 رپيا في يونٽ آهي پر ڪي اليڪٽرڪ بجلي جو بنيادي اگهه 44 رپيا 69 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ 7 سالن جي ملٽي-سال ٽيرف تحت بيس ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.ڪي اليڪٽرڪ ٽرانسميشن چارجز 3.48 رپيا، ڊسٽري بيوشن چارجز 3.84 رپيا، آپريشن ۽ مينٽيننس چارجز 0.42 پئسا ۽ پرچون مارجن 0.59 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ڪمپني بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 7 پئسا في يونٽ ڪم ڪندڙ سرمائيداري مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي اسٽيڪ هولڊرز کان 7 ڏينهن اندر راءِ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو