ڪيترائي جيل ويندا، ڪجھ ٻاهر نڪرندا: منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪيترائي جيل ويندا ۽ ڪجهه ٻاهر نڪرندا.اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ جيڪو پنهنجي خوابن ۽ اڳڪٿين جي ڪري مشهور آهي، هڪ بيان ۾ ڪيو آهي.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم جي حوالي سان هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جو ڪو به مستقبل ناهي.منظور وساڻ پنهنجي باري ۾ چوي ٿو ته مان سياسي ماڻهن کي جيل موڪلڻ جي حق ۾ ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو