ڪوڙا شناختي ڪارڊ اسڪينڊل ۾ 3 وڌيڪ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نادرا پاران 40 لک ڪوڙا شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي 3 وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. جنهن بعد گرفترا ٿيندڙن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب گرفتار ٿيل 4 جوابدارن مان هڪ نادرا جو ملازم ڊفينس سينٽر جو ڊيٽا انٽري آپريٽر عبدالعزيز عباسي ۽ ٻن ايجنٽ شامل آهن. جن ۾ محمد امين ۽ معراج فهيم الدين شامل آهي. امين غيرملڪي آهي جنهن ايجنٽ فهيم معرفت 30 هزار ۾ پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي. ايف آءِ اي جو چوڻ اهي ته گرفتار ملازمن جي انڪشافن جي روشني ۾ وڌيڪ گرفتاريون به ممڪن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو