ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ليويز ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ڪمانڊ مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪري ورتو.ليويز اختيارين موجب ليويز ڪي آر ايف فورس ڪوهلو جي علائقي ڪاهان ۾ آپريشن ڪيو، جيڪو 11 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ليويز اهلڪارن ۽ رضاڪارن حصو ورتو.اختيارين موجب آپريشن دوران دهشتگردن جي ڪمانڊ مان 3 اينٽي ٽينڪ مائنز، 8 اي پي ايمز، 2 اي پي ايمز، 4 آر پي جي 7، 4 بي ايم 12 ميزائل، 5 دستي بم ۽ هڪ ڪلو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. وقت 7.12 بندوقون پڻ هٿ ڪيون ويون.
