افغانستان حڪومت پاڪستان خلاف حملا روڪي، باجوا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ افغانستان مان پاڪستان ۾ فائرنگ جي واقعن ۽ اتان کان دهشتگردن جي ٻيهر منظم ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ويو آهي ته اميد آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيندي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ عالمي، ملڪي ۽ علاقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪور ڪمانڊرز کي مستقبل جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته ڪنٽرول لائن، ورڪنگ بائونڊري ۽ پاڪ افغان بارڊر جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ افغان امن عمل ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جي اثرن جو به جائزو ورتو ويو. عسڪري قيادت جو چوڻ هو ته پاڪستان پاڪ افغان بارڊر تي موثر مينجمينٽ يقيني بنائي.اميد آهي ته افغانستان به بارڊر تي موثر مينجمينٽ يقيني بنائيندو ۽ امن تباهه ڪندڙن کي جڳهه نه ڏيندو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه  جي صورتحال جو به جائزو وٺندي چيو ته ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل سان علائقي ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪورونا جي ٽين لهر ۾ فارميشنز جي سول انتظاميه سان تعاون جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ان قدمن سان عالمي وبا جي پکيڙ روڪڻ ۽ ان کي قابو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو