ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماڻهن جي اجتماع کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏيندي، شادي هالن،ميلن ملاکڙن، مزارن جي زيارتن۽ سئنيمائن تي عارضي پابندي هڻي ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت اڳ م تعليمي ادارن ۾ موڪلون 31 مئي تائين وڌائي ڇڏي هئي. وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب انٽرنيشنل اڏامون صرف ڪراچي، پشاور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن لاءِ مخصوص ڪندي اچ وڃ لاءِ وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ ڪيسن جو تعداد 30 ٿي ويو آهي ۽ 3 مريض صحتمند ٿي گهر روانا ڪيا ويا آهن. مفتي منيب الرحمان سڄي ملڪ ۾ اهلسنت جي مدرسن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ 120 بسترن تي مشتمل اسپتال تيار ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت سڀني جيلن ۾ اسپري ڪرائڻ ۽ هر ضلعي ۾ تنها وارڊ ٺاهن جو فيصلو ڪيو آهي. دنيا۾ چين کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اٽلي ۽ ايران آهن. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او چين کانپوءِ يورپ کي ڪورونا وائرس جو مرڪز قرار ڏنو آهي. دنيا جي 145 ملڪن ۾ وائرس پهچي ويو آهي. دنيا ۾ 145993 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن، 5440 فوت ٿي ويا آهن، 72553 مريض صحت ياب ٿي چڪا آهن. هي مرض قابل علاج آهي ۽ 98 سيڪڙو مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. وائرس سبب ايران ۾ هٿ ملائڻ تي پابندي آهي ۽ هڪٻئي سان پير ملائي آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته برطانيا جي شاهي خاندان سميت عوام به ٺوٺ ملائي ڀليڪار ڪن ٿا. زڪام بخار ۽ گهڻيون ڇڪون اچڻ تي چڪاس ضرور ڪرايو. پاڪستان ۾ 8 ليبارٽريز مفت ٽيسٽ ڪري رهيون آهن. هر هر منهن کي هٿ نه هڻو، هٿ هر هر صابڻ سان صاف ڪريو.
