ڪورنگي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، شهري قتل

ڪورنگي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، شهري قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ڪورنگي 2-ڍائي واري علائقي ۾ ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.ڪاوڙيل هجوم ٻنهي جوابدارن کي پڪڙي ورتو ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.ٻئي طرف، ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڏينهن ڏٺي هڪ ڊاڪٽر کي نشانو بڻايو ويو. ڊاڪٽر جيڪو ڪلينڪ مان نڪري گھمڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ان کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس مختلف رخن کان قتل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ڊاڪٽر شمبو لال عرف ڊاڪٽر لال کي لياري جي بڪرا پيدي علائقي ويجهو گولي هڻي قتل ڪيو ويو. فائرنگ جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي.شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته فوت ٿيل ڊاڪٽر کي جوابدارن پاران نشانو بڻايو ويو جيڪي سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. هو معمول موجب لياري ايڪسپريس وي ٽريڪ تي گھمڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو