ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه جي علائقي سرياب ۾ ضلعي انتظاميه گودام تي ڇاپو هڻي ذخيرو ڪيل کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ جون 15 هزار کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن.ضلعي انتظاميه موجب گودام کي سيل ڪري ذخيره اندوزن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. انتظاميه چيو ته برآمد ڪيل شين جي قيمت تقريبن 20 ڪروڙ روپيه آهي. برآمد ٿيندڙ کنڊ سرڪاري قيمتن تي نيلام ڪئي پئي وڃي.
