ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪراچي ڪنگز کي 5 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪراچي ڪنگز کي 5 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا 19.3 اوورن ۾ 142 رنز ٺاهي سگهي. پي ايس ايل جو پندرهون ميچ ڪوئٽا ۽ ڪراچي جي ٽيمن ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾کيڏيو پيو وڃي. ڊيوڊ وارنر ٽاس کٽي فيلنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيو. ٽيم جي ٻئي ۽ حسن علي جي پهرين اوور ۾ سعود شڪيل 6 رنز ڄاهي آئوٽ ٿيو، ساڳئي اوور ۾ فن ايلن جو عباس آفريدي ڪيچ پڪڙي زيرو تي کيس واپس موٽايو، ٽيم جي 20 جي اسڪور تي حسن علي ٽيون شڪار رائلي روسو جو ڪيو جيڪو 10 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد 4 رنز ٺاهيندڙ مارڪ چيپمين کي محمد نبي بولڊ ڪيو ۽ ڪسال مينڊس 5 چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 36 رنز ٺاهيندڙ ڪسال مينڊس عباس آفريدي جي بال تي جيمز ونس هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ ڪوئٽا جون ٽاپ 5 وڪيٽون 69 جي اسڪور تي ڪري پيون. جنهن بعد نوجوان حسن نواز ۽ فهيم اشرف اسڪور اڳتي وڌايو. 17 هيون اوور ۾ حسن نواز ٻن چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 35 رنز ٺاهي فواد علي جي بال تي جيمز ونس هٿان ڪيچ ٿيو، ان بعد وسيم جونئرکي مير حمزا بولڊ ڪيو، محمد عامر ۽ مير حمزا جو ٻيو شڪار بڻيو جيڪو زيرو تي ڪيچ ٿيو، خرم شهزاد به زيرو تي رن آئوٽ ٿيو. فهيم اشرف3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 43 رنز ٺاهي عباس جي بال تي ٽم سائفرٽ جي فلائنگ ڪيچ تي آئوٽ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو