ڪوئيٽا ۾ دستي بم ڌماڪو، 2 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ دستي بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي اڻڄاتل جوابدارن دستي بم اڇلايو جيڪو ڌماڪو ٿيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڪوئيٽا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو