ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي امداد چوڪ وٽ ٽرڪ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور مارجي ويو.ڪوئيٽا پوليس موجب امداد چوڪ ويجهو فائرنگ ۾ هڪ شخص جي مارجي وڃڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽم جي موبائل ٽيم سمگلرز جو تعاقب ڪري رهي هئي، جنهن ٽرڪ کي روڪڻ جو اشارو ڪيو پر ٽرڪ روڪڻ بدران اسمگلرن ڪسٽم موبائل ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني.ڪسٽم اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ڪسٽم موبائل ٽيم ٽرڪ جي ٽائرن تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته اسمگلرن جي فائرنگ ۾ ٻئي گاڏي ۾ سوار سندن ئي ساٿي مارجي ويو.ڪسٽم عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ سمگلر ٽرڪ ڇڏي ٻي گاڏي ۾ فرار ٿي ويا.
