ڪهڙن نالن وارن کي 15 مارچ کان محطاط رهڻ گهرجي؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا، هندي ايسترولوجي واري لال ڪتاب جي آڌار تي جهه، ٿ، د ۽ ڏ وارن حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن کي 15 مارچ کان 10 مئي دوران محطاط رهڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن جو چون آهي ته انهن حرفن جي نالن وارن ماڻهن طالع جي ٻارهين گهر ۾نحس ستارا مريخ ۽ زحل داخل ٿي رهيا آهن. جنهن سبب سندن طبيعت ۾ جذباتي پڻ، ڪاوڙ، تڪرار ۽ خرچن ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي ان ڪري کين مصلحت کان ڪم وٺڻ گهرجي بحث کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڀڳوانداس جو اهو به چوڻ آهي ته پهرين اپريل کان انهن حرفن وارن جي نالن جي خانن ۾ سعد ستارو زهره داخل ٿيندو ۽ پورو مهينو رهندو جنهن دوران سندن رڪيل ڪم ٿي سگهن ٿا ۽ کين فائدو ٿي سگهي ٿو. هن انهن نالن وارن ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڇنڇر ڏينهن ڪاري ڊاک ٻارن ۾ ورهائين ته بهتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو