ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي

ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي، وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا، امن بحالي تحريڪ پاران ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ ريلي ۾ شريڪ آهي، امن ڪرايو، ڌاڙيل راڄ جو ختم ڪريو ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، اغوا ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ حڪومت امن امان جي بحالي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کڻي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو