ڪنهن ٻئي ملڪ جي ايجنسي نه رڳو ملڪي ادارن جي هلندي: وزيراعظم

گلگت (ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن کي پاڪستاني معاشري يرغمال بنائڻ جي اجازت نه ڏينداسين پاڪستان اندر ڪنهن ٻئي ملڪ جي ايجنسي نه پر رڳو ملڪي ادارن جو اثر هوندو گلگت جي دوري دوران دل جي مرضن واري اداري ۾ او پي ڊي جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جا سمورا مسئلا آئيني طريقي سان حل ڪيا ويندا جيڪڏهن ڪنهن قسم جا اختلاف يا وڇوٽيون آهن ته اهي عقل ذريعي ختم ڪيون وينديون آئيني سوالن جو جواب ڳولي رهيا آهيون ۽ انهن جا جواب جلد عوام تائين پهچائينداسين وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪنهن پرڏيهي ايجنسي لاءِ ڪائي جڳهه نه آهي ڪنهن ٻئي مان ڪائي اميد يا خوش فهمي آهي ته اها ختم ڪري ڇڏيو وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي سونهن نه رڳو پاڪستاني سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي پر يورپ ۽ ايشيا جي ماڻهن کي به تمام گهڻو وڻي ٿي هن چيو ته ڪنهن به نشست لاءِ واڪ نه لڳندو اسان واڪ ڏيڻ نه پر انهن واڪن کي ختم ڪرڻ آيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو