ملتان: پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ناهي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته هو چاهين ٿا ته چونڊن جي تاريخ اچي ۽ عوام جي پريشاني ختم ٿئي.هن چيو ته هن وقت اسان جو ڪنهن به پارٽي سان چونڊ اتحاد ناهي،نواز شريف جي وطن واپسي تي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نواز شريف کي پرواه ناهي ته هو اچي اليڪشن وڙهندو.
