پشاور(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسانکي ڪڏهن به چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ملي ۽ اسين بنا ليول پليئنگ فييلڊ جي چونڊ وڙهڻ جا عادي آهيون. پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينسن کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته اسان ڪنهن به آءِ جَي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين، تير جي نشان تي اليڪشن وڙهنداسين ۽ اليڪشن کٽنداسين. هن چيو ته هاڻي به جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿو ته اسان مقابلو ڪنداسين، هڪ جماعت مهانگائي ليگ بڻجي چڪي آهي، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا لڳائيندڙن جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي 1988 کان وٺي هيستائين جيڪي به چونڊون ٿيون انهن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي ۽ ان جي باوجود اسين چونڊون کٽيون آهن. اسين هيڏانهن هوڏانهن نه پر عوام ڏانهن ڏسي رهيا آهيون. هن نواز شريف جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اليڪشن جو ميدان سجڻ وارو آهي، عوام پراڻن سياستدانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، 70 سالن جي عمر وارن کي گهر يا مسجد ۾ ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جو پشاور ۾ هي جلسو ان وقت ٿيو جڏهن پارٽي ۾ اختلافن جون خبرون به سامهون آيون. عاصما ارباب ۽ ارباب عالمگير جلسي ۾ نه آيا ۽ هنن پاران پارٽي ڇڏڻ جون به خبرون هليون. ياد رهي ته هن جوڙي کي پيپلز پارٽي جي 2008 کان 2013 واري عرصي سڻڀيون پوسٽون مليون هيون ۽ مٿن ڪرپشن جا به الزام لڳا هئا.
