ڪماليا ۾ ملاوٽي کير تيار ڪندڙ چلر تي ڇاپو

ڪماليا (ويب ڊيسڪ)ڪماليا ۾ فوڊ سيفٽي ٽيم پاران ملاوٽ ٿيل کير جي چلر تي ڇاپو، مليل کير هٿ ڪري ورتو.ڊپٽي ڊائريڪٽر عدنان حيدر موجب واقعي واري هنڌ تي جاچ ڪئي وئي ۽ ليب جي رپورٽ موجب کير ۾ ملاوٽ ملي آهي.ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب ڪارروائي دوران مليل کير کي موقعي تي تباهه ڪيو ويو ۽ چلر ۽ مشينري هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.عدنان حيدر موجب صفائي جي ناقص انتظامن سبب پيداوار بند ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو