ڪشمير ڏهاڙو، صدر ۽ وزيراعظم بهادر ڪشميرين کي خراج پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ پاڪ فوج ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين کي سندن عزم ۽ بهادري واري جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو منصفانه حل اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ستون رهندو، پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت حاصل ڪرڻ تائين حمايت جاري رکندو. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو واحد ۽ حتمي حل آزاد ريفرنڊم ذريعي ئي ٿيندو، ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي.ان کان علاوه آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميري عوام بهادري سان غيرانساني لاڪ ڊائون جي مزاحمت ڪري رهيا آهن، ڪشمير 1948ع کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي ڊگهي عرصي کان حل طلب مسئلو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب عوام جي امنگن ۽ خودمختياري جي حق لاءِ حل ٿيڻ گهرجي، آزادي جي جرئتمندانه جدوجهد جي ڪاميابي ڪشميري عوام جو مقدر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو