ڪشمور (ن س ) موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي فائرنگ، هڪ ڄڻو زخمي ٿي ويو،ڪشمور ويجهو ڏوھارين پاران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.بڊاڻي جو رھواسي غلام ياسين چاچڙ ولد غلام نبي چاچڙ کان ڪشمور ڪسٽم چيڪ پوسٽ ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. غلام ياسين جي مزاحمت تي ڏوهارين سندس ڄنگھ ۾ گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويا.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ زخمي کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.










