ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن، جاڳرتا جلوس

ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رشوت مٽايو، نئين نسل کي بچايو، ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي عنوان سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون جيڪي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلبن تائين پهتيون. سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق اينٽي ڪرپشن کاتي پاران رشوت مٽايو،نئي نسل کي بچايو، ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي عنوان سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مينار روڊ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي  سکر جي ڊويزن جي آفيسرن سميت سياسي سماجي، مذهبت، چونڊيل نمائندن، واپارين، سول سوسائٽي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪرپشن خلاف بينر۽ پلي ڪارڊ کڻيل هئا ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙن سخت ناري بازي به ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي رهنمائن چيو ته اسان سڀ ملي ڪري رشوت ۽ ڪرپشن کي ختم ڪري سگهون ٿا رشوت ۽ ڪرپشن ضمير جي موت آهي اها گندي سماجي برائي آهي  ،رشوت کان پاڪ معاشرو ترقي يافته قوم جو عزم هجڻ کپي ،اسان سڀ ملي ڪري ان خلاف جهدوجهد ڪري آچڻ واري نسل کي ڪرپشن ۽ رشوت کان محفوظ رکڻو پوندو پاڪ سر زمين کان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ اسان سڀني جي  مذهبي  اخلاقي زمينداري آهي.

*** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق ميمبر صوبائي اسيمبلي غلام قادر چانڊيو، ايڊيشنل ڪمشنرشهيد بينظيرآباد پرويز احمد بلوچ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد ميرنادرعلي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊي سي هاءِ اسڪول  کان پريس ڪلب نوابشاھه تائين ڪرپشن خلاف هڪ  شاندار جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات شفيق حسين ميمڻ، ڊائريڪٽر زراعت غلام مصطفى جمالي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت محمد رمضان چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاھ طارق علي سولنگي، انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي، ٻين سرڪاري کاتن جي عملدارن، عملي، سول سوسائٽي، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائندن کان علاوه، اسڪاوٽس، استادن، شاگردن، شهرين ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي  ميمبر صوبائي اسيمبلي غلام قادر چانڊيو چيو ته اسان سڀني کي گڏجي معاشري مان ڪرپشن جهڙي بيماري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ قانون جي پاسداري سان ئي رشوت جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اسان سڀني کي ملڪ جي قانون تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. هن رشوت خوري کي عملي طور ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد تي زور ڏنو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر پرويز احمد بلوچ چيو ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي جيڪا پوري ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان پنهنجي معاشري مان ڪرپشن جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪيون.

ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد ميرنادرعلي ابڙو چيو ته پاڪستان مان رشوت ختم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ اڄ پوري دنيا ۾ رشوت ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي سلسلي ۾ آگاهي ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته مون عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ وڃي ڪري آگاهي ريلي سان گڏ شهرين ۾ پمفليٽ تقسيم ڪيا آهن ۽ عوام کي رشوت جي نقصانن بابت آگاهي ڏني آهي هن چيو ته اڄوڪي ريلي ۾ پوري ضلعي جي آفيسرن،استادن،سول سوسائٽي جي نمائندن، تاجر برادري جي نمائندن، شهرين ۽ اسڪولي ٻارن وڌي تعداد ۾ شرڪت ڪري ان ڳالھ جو ثبوت ڏنو آهي ته اسان سڀ ڪرپشن جي خلاف آهيون ۽ دين اسلام ۾ رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ کي جهنمي قرار ڏنوويو آهي جڏهن ته رشوت کان پاڪ معاشرو ترقي يافته قوم جي نشاني آهي ھن چيو ته جيڪڏھن ڪنهن کان به ڪير رشوت گهري ٿو ته اهو اينٽي ڪرپشن آفيس سان رابطو ڪري ته جئين ڪرپشن وٺڻ واري جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.ريلي کي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام علي برهماڻي خطاب ڪندي چيو ته استادن کي پڻ اھا تلقين ڪئي وئي آهي ته هو اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪرپشن خلاف تربيت ڏين ته جيئن انهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جو جذبو پيدا ٿي سگھي ۽ هو اڳيان هلي بنا ڪنهن رشوت ۽ لالچ جي هن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگھن. *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق سرڪل آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ضلع مٽياري عرفان علي ارباب چيو آهي ته ڪرپشن اسان جي معاشري ۾ ناسور آهي ان لاءِ اڄ اسان سڀني کي گڏجي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته ڪرپشن جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين ته جيئن پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگھي. اهڙن خيالن جو اظهار اينٽي ڪرپشن مٽياري پاران تعلقه اسپتال مٽياري کان پريس ڪلب مٽياري تائين ڪرپشن خلاف نڪرندڙ آگاهي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي ريلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) غلام سرور ملاح، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالڪريم سنگراسي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد عمار حيدر رضوي سميت اينٽي ڪرپشن، پوليس، روينيو، تعليم، صحت، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين کاتن جي ضلعي آفيسرن، معزز شهرين، شاگردن ۽ مقامي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سرڪل آفيسر مٽياري عرفان علي ارباب وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جو جڙ کان خاتمو ضروري آهي ان لاءِ عوام جي ڀرپور ساٿ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي خوشحال ڪري سگهجي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق ڪرپشن جي خاتمي ۽ ان کي ٻنجوڏيڻ لاءِ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ايڊيشنل  ڊپٽي ڪمشنرون دادونظيراحمد ، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسرسيف الله هاليپوٽو، اسٽنٽ ڪمشنرمحمد علي لنڊ ، ڊسٽرڪٽ اطلاعات آفيسرذيشان علي لغاري ،ايس ايڇ او نورمصطفي بروهي  جي اڳواڻي ۾ هڪ شاندار۽ پروقار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ضلعي جي سمورن کاتن جي آفيسرن ، ماتحت عملي  پڻ شرڪت ڪئي  ريلي  کي خطاب ڪندي ايڊيشنل  ڊپٽي ڪمشنرون دادونظيراحمد ، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسرسيف الله هاليپوٽو، اسٽنٽ ڪمشنرمحمد علي لنڊ ،  ڊسٽرڪٽ اطلاعات آفيسرذيشان علي لغاري  چيوته هر اهوڪم جيڪوضميرجي آوازخلاف آهي اهوبه اخلاقي ڪرپشن آهي ۽ ڪرپشن ايتري عام ٿي وئي آهي هردنيا جو ڪم رشوت کانسواءِ نٿوٿئي. جائزڪم لاء به هيلا وسيلا ڳولڻا ٿا پون معاشري کي ڪرپشن اوڏهي وانگرکائي رهي آهي هن جي خاتمي لاءِ حڪومتي ادارا نالي ماترڪم ڪري رهيا آهن هن ريلي ڪڍڻ جومقصد اهوآهي ته عوام ۾ اهوشعورپيدا ٿئي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ انهن کي ئي شروعات ڪرڻ گهرجي تڏهن ئي ڪرپشن جهڙي ناسور مرض مان نجات حاصل ڪري سگهبي. *** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق ضلعي انتظاميه ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي ٿرپارڪر پاران 9 ڊسمبر ڪرپشن جي خلاف عالمي ڏهاڙي جي  موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڪشمير چوڪ کان ٿيندي ٿر پريس ڪلب مٺي تائين ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سيد ڪبير شاهه، سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿرپارڪر منظور احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ جي هٿن ۾ ڪرپشن هڪ ناسور آهي  ريلي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هليٿ آفيسرز ڊاڪٽر گورڌن داس، ڊاڪٽر چينو مل ، ڊاڪٽر آچار ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير کاتو ناٿو خان راهمون ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٿرپارڪر محمد ميمڻ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري اسڪولز ٿرپارڪر غلام نبي ساهڙ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ڪيول رام ، چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪاميٽي مٺي محمد ملوڪ خاصخيلي ، اينٽي ڪرپشن جي مها ديو ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هر سال پوري دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ته جئين ڪرپشن جون پاڙون پٽي سگهجن ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ آهي . هنن وڌيڪ چيو ته رشوت ۽ بدعنواني هڪ ضمير جو موت آهي ۽ ڪرپشن اسان جي ملڪ جي پاڙن کي پٽي رهيو آهي جنهن  جي خلاف اسان سڀني کي گڏجي هن ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .هنن وڌيڪ چيو ته ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ ضلعي سطح تي اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ شڪايت ڪري سگهن ٿا ته جئين انهن جو وڌ کان وڌ ازالو ڪري سگهجي. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق ضلع ڪائونسل شڪارپور طرفان ڪرپشن جي خلاف ضلع ڪائونسل شڪارپور جي چيف آفيسر آغاجلال الدين جي قيادت ۾ ضلع ڪائونسل آفيس کان شڪارپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ ضلع ڪائونسل جي سڀني ملازمن ۽ ٻين ادارن سان وابستگي رکندڙ سرڪاري ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلع ڪائونسل شڪارپور جي چيف آفيسر آغا جلال الدين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن ڪلچر ھڪ لعنت آھي، جنھن خلاف اسان جي جنگ جاري رھندي. ھن چيو ته اسان ملي ڪري ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان بڻائي سگھون ٿا، ڪرپشن تمام معاشرتي براين جي پاڙ آھي، جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي ملي ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته رشوت ڪنھن بہ معاشري لاءِ ھڪ ناسور جي حيثيت رکي ٿي. ان کان علاوهه نوشهروفيروز، ڳڙهي ياسين، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، ميرپورخاص، ڄامشورو سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو