ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري بشڪيڪ ۾ ڦاٿل سنڌ جي پاڪستاني شاگردن لاءِ مفت هوائي ٽڪيٽن جو اعلان ڪيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان ڪرغزستان ۾ اسان جي ٻارن کي گهرايو پيو وڃي.گورنر سنڌ چيو ته شاگردن جا والدين هن وقت اسان سان گڏ آهن، جيڪڏهن حالتون بهتر نه ٿيون ته پاڻ بشڪيڪ ويندس.هن اميد ظاهر ڪئي ته صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي ۽ پاڪستاني بحفاظت وطن واپس ايندا.










