ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ شهر قائد ۾ هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، هوا ۾ نمي جو موجوده تناسب 57 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اتر اولهه کان هلڪي هوائون هلي رهيون آهن.گذريل رات شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي.ان کان علاوه اڄ به حيدرآباد، سکر، بدين، ٺٽي سميت سنڌ جي ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.ٻئي طرف مري، گليات، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، ملتان ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. پشاور، سوات، چترال، ڪوهستان سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو